عالمچند ڪولهي

عالمچند ڪولهي

عالمچند ڪولهي

عالمچند ڪولهي: ٿر جي نامور سياسي ورڪر ۽ سماج سڌار عالمچند ڪولهي، تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ ڦلپرو ۾ سروپ ڪولهيءَ جي گهر، 1922ع ۾ جنم ورتو. سندس واسطو ڪانگريس پارٽيءَ سان هو. عالمچند شروعاتي تعليم ننگرپارڪر جي مڊل اسڪول مان ۽ مئٽرڪ جو امتحان مٺي هاءِ اسڪول مان 1944ع ۾ پاس ڪيو. 1946ع ۾ عمرڪوٽ ۾ انگلش ٽيچر مقرر ٿيو. ان وقت انگريزن خلاف تحريڪ زور تي هئي، جنهن ۾ ڀرپور حصو ورتائين. هن ‘ڊانڊي مارچ- لوڻ کڻو’ تحريڪ ۾ مهاتما گانڌي سان گڏجي حصو ورتو ۽ ننگرپار ۾ برٽش سامراج خلاف جاڳرتا پيدا ڪرڻ ڪري جيل به ڀوڳيائين. پاڪستان جي قيام بعد هن پنهنجي قبيلي جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ‘هريجن سماج سڌار سنگت’ جي پليٽ فارم تان ٻين ساٿين سان گڏجي ڪم ڪيو. ٿر ۾ اوچ نيچ واري سوچ کي ختم ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي. پاڪستان جي قيام بعد سندس سياسي تعلق ‘سنڌ هاري ڪاميٽي’ سان رهيو. 1963ع ۾ يونين ڪائونسل پيٿاپور جي چونڊ ۾ حصو ورتائين ۽ چيئرمئن چونڊيو ويو. 1964ع واري صدارتي اليڪشن ۾ مير علي بخش خان ٽالپر، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، وڪيل روچيرام ۽ مسڪين جهان خان کوسي سان گڏجي فاطمه جناح جو ورڪ ڪيائين ۽ کيس ووٽ ڏنائين. جنهن سبب وقت جي حڪومت کيس ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ڪوٽڙي، موجوده ضلعي ڄام شوري جي جيل ۾ قيد ڪيو. سندس گرفتاريءَ خلاف فاطمه جناح، حيدر بخش جتوئي ۽ ٻين سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏو احتجاج ڪيو. جيل مان آزاد ٿيڻ بعد ٿرپارڪر جي ڪولهين ۽ ٻين غريب ماڻهن تي ٿيندڙ ظلم ۽ سماجي اڻبرابري خلاف بغاوت ڪيائين. 1966ع جي يونين ڪائونسل جي بلدياتي اليڪشن ۾ راڻي اچل سنگهه کي هارائي وڏي اڪثريت سان ميمبر چونڊيو. 1971ع واري پاڪستان ڀارت جنگ کانپوءِ وطن ڇڏي گجرات (ڀارت) طرف لڏي ويو ۽ اتي وفات ڪيائين. سندس ناٺي ٽيڪم داس ڪولهي سياست ۾ سرگرم رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو